پاڻيءَ منجهه پساهه ڪتاب جي تصوير

پاڻيءَ منجهه پساهه ڪتاب جي تصوير

پاڻيءَ منجهه پساهه

پاڻيءَ منجهه پساهه (ڪتاب ):هي شير محمد خدابخش عالماڻي المعروف ايس. ڪي. بلوچ جو سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي لکيل ڪتاب آهي. 1976ع ۾ بيماريءَ جي بستري تي هن يادن جي سهاري، سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ”سنڌ جو ڪيس“ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هو ان کان اڳ ايريگيشن سنڌ ۽ ويسٽ پاڪستان جو سيڪريٽري رهيو هو. هن انگريز دور ۾ سنڌ جي واهن جي سڌاري وارين رٿن (1855ع)، روهڙي پراجيڪٽ (1910ع) کان وٺي سنڌ جي پاڻيءَ سان پنجاب طرفان ٿيل کئونس، اينڊرسن ڪميشن رپورٽ (1935ع) ۽ راءِ ڪميشن رپورٽ جي روشنيءَ ۾، 1945ع ۾ پاڻيءَ بابت ”سنڌ پنجاب معاهدي“، پنجاب طرفان سنڌو درياهه ۽ پنجاب جي ندين جي پاڻيءَ جي ورهاست خلاف لڳل ڌاڙن جو تفصيل پيش ڪري، ’سنڌ جو ڪيس‘ دليريءَ سان پيش ڪيو آهي. ان ڪاغذي ۽ عملي ويڙهه ۾ سندس ۽ سنڌ جي ٻين انجنيئرن جو ڪردار هن ڪتاب ۾ تفصيلي ڏنل آهي. هي ڪتاب سنڌ جي پاڻي- ڪيس جو پهريون اهم دستاويز آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو ليکڪ خود ڇپايو هو، ٻيو ڇاپو عثمانيه لائبرري چنيهاڻي، ڪمال ديري/ ڪنڊياري پاران ۽ اُن جو ٽيون ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2008ع ۾ ڇپايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو